SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


ايران- عراق جنگ


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


ايران- عراق جنگ

Iran-Iraq War

ايران عراق وار

1980ع کان 1988ع تائين هلندڙ هيءَ جنگ، ايران ۽ عراق جي وچ ۾ موجود سامونڊي لنگهه ۽ 120 ميل ڊگهي پٽيءَ ”شطَ العرب“ تي قبضي جي حوالي سان وڙهي وئي. مُنڍ ۾ 1937ع کان 1975ع تائين هن پٽيءَ تي عراق جو قبضو هو. 1975ع ۾ هڪٻئي جي اقليتن کي مدد ڪرڻ جي الزامن سبب ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا خراب ٿي ويا. پر بعد ۾ ٿيل باهمي مُذاڪرات ۾ اهو فيصلو ڪيو ويو، ته عراق جي حڪومت صدام حسين جي قيادت ۾ ڪردن جي حمايت ختم ڪندو ۽ عراق ”شط العرب“ تان هٿ کڻندو. 1979ع ۾ اسلامي انقلاب اچڻ کان پوءِ جڏهن ايران فوجي طرح ڪمزور ۽ اڪيلو ٿيو، ته عراق موقعو وٺي 1975ع جو ٺاهه ختم ڪري ”شط العرب“ تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن ڪري ٻنهي ملڪن وچ ۾ جنگ لڳي. هيءَ جنگ لڳاتار 8 سال هلندي رهي، جنهن ۾ ٻنهي ڌرين جا لکين ماڻهو مئا ۽ اربين روپين جي ملڪيت جو نقصان ٿيو


Remember Me Also:

ڀلارو

ذ. صفت. ڀلائي ڪندڙ. مهربان. بزرگ ، نيڪ. عزتمند ، مانوارو. بلند مڪان ، وڏي رتبي وارو. سڳورو.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal